APP65-20 ISLAMABAD: June 20 - President Dr. Arif Alvi talking to a delegation of Royal College of Emergency Medicine (RCEM), UK led by Dean RCEM, Dr. Jason Long who called on him. APP

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ هر سطح تي عالمي معيار جي موثر هنگامي طبي نگهداشت جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ گهرجن، ملڪ ۾ ايمرجنسي ميڊيسن ٽريننگ سينٽرز ۾ اضافي جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ان شعبي ۾ مضبوط حصيداري سان پاڪستان جي لاءِ تمام وڌيڪ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن اها ڳالهه رائل ڪاليج آف ايمرجنسي ميڊيسن (آر سي اي ايم) برطانيا جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن اداري جي ڊين ڊاڪٽر جيسن لانگ جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.