APP64-19 ISLAMABAD: June 19 - Adviser to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs, Dr. Abdul Hafeez Shaikh, chairing a meeting of the Economic Coordination Committee (ECC). APP

اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي جي تجويز تي سفارشون جوڙڻ جي لاءِ معاملو اي سي سي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور سيڪٽر جي ادارن جي وصول جوڳن قرضن جي بدلي ۾ انڊسٽريل سپورٽ پئڪيج (آءِ ايس پي) جو معاملو پڻ حل ڪري ڇڏيو، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ جهاز راني جي صنعت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جهازن جي درآمد تي ٽيڪس رليف ڏيڻ جي ڏس ۾ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي، اوڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.