APP91-15 ISLAMABAD: April 15 - A delegation of Supreme Court Bar Association of Pakistan (SCBAP) headed by President SCBAP Amanullah Kanrani called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. Minister for Information & Broadcasting Ch. Fawad Hussain is also present. APP

اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي موثر ۽ عام ماڻهو جي لاءِ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار آهي، مضبوط بار ايسوسيئيشنز نه رڳو مضبوط عدليه پر ملڪ ۾ جمهوري ادارن ۽ بهتر اسلوب حڪمراني ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي مسئلن جي حل ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.