APP39-10 ISLAMABAD: April 10 - President Dr. Arif Alvi conferring Nishan-e-Imtiaz (Military) upon Commander Turkish Air Force, General Hasan Kucukakayuz at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ ايئر فورس جي ڪمانڊر جنرل حسن ڪچيڪا ڪياز کي نشان امتياز ملٽري عطا ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ اربع ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ايوارڊ عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب منعقد ٿي، ان کانپوءِ ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ غير معمولي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ گڏيل ثقافتي ۽ مذهبي ورثو رکندڙ آهن ۽ هاڻي انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري به موجود آهي.