ڪرائسٽ چرچ – 20 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊر سوشل ميڊيا جي خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي ردعمل جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيتوڻيڪ سندس ڌيان ملڪ ۾ ٻن مسجدن تي فائرنگ جي وڊيو کي سوشل ميڊيا تي ڏيکارڻ تي آهي پر ان بابت ڪجهه معاملا اهڙا به آهن جن جو عالمي اڳواڻن کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي.