APP26-16 MULTAN: March 16 – Foreign Minister Makhdoom Shah Mehmood Qureshi talking to media persons during oath taking ceremony of the newly elected cabinet of the All Pakistan Clerks Association (APCA) at Arts Council. APP photo by Qasim Ghauri

ملتان – 16 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملن جي واقعن ۾ هڪ پاڪستاني زخمي ۽ 9 گم آهن. ان مسئلي تي پاڪستان نيوزيلينڊ سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ هن وقت اسلام فوبيا ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، اتي اميگريشن ۽ مائيگريشن جو مسئلو تمام اهم ٿي چڪو آهي، نسل پرست ماڻهو ان مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهي سياست تي به اثر انداز ٿين ٿا ۽ اهڙيون حرڪتون به ڪري رهيا آهن، ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته انهن واقعن ۾ گم ٿيل پاڪستاني جيڪي ڪنهن سان به رابطي ۾ ناهن ۽ انهن جا فون به بند آهن.