APP69-15 MOHMAND: March 15 - Prime Minister Imran Khan addressing to the elders in Ghallanai. APP

پشاور – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان عمران خان چيو آهي ته قبائلي ماڻهن جي زندگين ۾ انقلابي تبديلي جو وقت اچي ويو آهي ۽ خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ هاڻي قبائلي ضلعن ۾ سمورن شعبن ۾ تيز ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهمند ضلعي ۾ غلنئي جي مقام تي قبائلي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي ڪيو.