APP06-07 ISLAMABAD: March 07 – Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani exchanging views with Raja Inam Amin Minhas newly elected President of Islamabad High Court Bar Association at Parliament House. APP

اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قانونسازي ۽ قانونن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ لاڳاپيل آئيني ادارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ بينچ ۽ بار کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر راجا انعام امين منهاس سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.