APP46-04 ISLAMABAD: March 04 - Prime Minister Imran Khan meeting with representatives of investors' and business community at PM's Office. APP

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واپار ۽ سيڙپڪاري کي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز قرار ڏيندي چيو آهي ته اقتدار جي پهرين 6 مهينن دوران معاشي استحڪام جي انتهائي ڏکئي چئلينج کي منهن ڏيڻ کانپوءِ هاڻي معاشي واڌويجهه جي فروغ تي ڌيان آهي، ملڪ جي معيشت جي حوالي سان عالمي برادري ۾ مثبت جذبا آهن جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چئي.