APP74-25 ISLAMABAD: February 25 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding facilitation at shrines and promoting research on Sufism at PM’s Office. APP

اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام جي تبليغ ۾ صوفين جي ڪردار ۽ تصوف بابت نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي تصوف ۽ سيرت اسٽڊيز قائم ڪرڻ جي حوالي سان عملي خاڪو جوڙڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تصوف ۽ اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ صوفين جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي شخصيتن تي تحقيق جي فروغ جي سلسلي ۾ تعليمي ۽ تحقيقي ادارو قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.