APP07-21 ISLAMABAD: February 21 - Federal Minister for Railways Sheikh Rashid Ahmed talking to Iranian Ambassador Mehdi Hoonardost during a call on meeting. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد– 21 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ريل نيٽ ورڪ جي بهتري ۽ شراڪتداري ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ آهي، ڪوئٽه، تفتان ۽ زاهدان جي ريل ٽريڪ کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وينديون،پاڪستان ريلوي پاران ايراني ريلوي جي مهارت مان فائدو کنيو ويندو ان سلسلي ۾ فني ماهرن جون ٽيمون جلد جوڙيون وينديون. اهڙو اظهار هن ايراني سفير مهدي هنر دوست سان ملاقات ۾ ڪيو.