APP54-19 ISLAMABAD: February 19 - Prime Minister Imran Khan delivering policy statement on Pulwama attack. APP

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي پلواما حملي جي جاچ ۾ تعاون جي آڇ ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت حملي جو سوچيو ته پاڪستان ان جو ڀرپور جواب ڏيندو، جنگ شروع ڪئي وئي ته ڳالهه ڪيستائين ويندي، اهو الله ئي ڄاڻي ٿو. پلواما جي واقعي جي حوالي سان قوم سان نشرياتي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير جي علائقي پلواما ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واقعو ٿيو، ان جو الزام پاڪستان تي لڳايو ويو.