APP52-17 ISLAMABAD: February 17 – Prime Minister Imran Khan delivering his remarks at the Dinner Reception in Honour of Saudi Crown Prince, HRH Mohammad bin Salman bin Abdulaziz Al Saud at PM House. APP

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام نه رڳو مڪي ۽ مديني جي ڪري اسان جي دلين ۾ رهن ٿا پر سعودي عرب اسان جو عظيم دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ بهترين دوست ثابت ٿيو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي معزز مهمان ۽ سندس وفد جي مان ۾ پروقار آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد، وزيرن ۽ وفد ۾ شامل ٻين مهمانن جا ٿورا مڃيندي انهن کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چيو.