APP66-07 ISLAMABAD: November 07 - President Dr Arif Alvi talking to Ambassador of Yemen Mohammed Motahar Alashabi who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يمن ۾ بحران جي سياسي حل لاءِ ڳالهيون جلد شروع ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته رڳو ڳالهين سان ئي ان مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو، يمن تڪرار جي سمورين ڌرين کي بحران جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن جي مڪمل پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ يمن جي سفير محمد مطهرالاشابي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان خيرسگالي ملاقات ڪئي.