APP71-03 BEIJING: November 03 – Prime Minister Imran Khan laying floral wreath at the People’s Square. APP

بيجنگ – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي انقلابي جدوجهد جي هيروز جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ انهن جي جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير خسرو بختيار، ميري ائيم افيئرز وارو وزير علي زيدي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ۽ بيجنگ ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خالد پڻ موجود هئا.