سينيٽ پاران 22 هين ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور
اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) سينيٽ 22 هين ترميمي بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، بل جي حق ۾ 71 ميمبرن ووٽ ڏنو، جڏهن ته مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه آيو، ان کان اڳ سينيٽ جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل آئيني 22 هين ترميمي بل 2016ع قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي، اهڙي طرح ڪل ميمبرن جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بل منظور ڪيو ويو.