اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ گل موڪليا ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڀارتي وزيراعظم گلن سان گڏ پيغام موڪليو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سموريون نيڪ تمنائون وزيراعظم جي جلد صحتيابي لاءِ آهن، وزيراعظم نريندر مودي لنڊن ۾ وزيراعظم جي هارٽ سرجري کان هڪ ڏينهن اڳ به نيڪ تمنائن جو پيغام موڪليو هو