اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ استحڪام جو مقصد جمهوريت کانسواءِ حاصل نٿو ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئين پارلياماني سال جي آغاز تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ موجوده پارليامينٽ جي ٽن سالن جي ڪاميابي سان پڄاڻي ۽ چوٿين سال جي آغاز تي پارليامينٽ جي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٽن سالن جو هي سفر ان حقيقت جو اظهار آهي ته اسان جي سياسي نظام ۾ ايتري صلاحيت پيدا ٿي وئي آهي ته هو مختلف قسمن جي بحرانن کي ڪاميابي سان منهن ڏئي سگهي ٿو.