APP05-02 ISLAMABAD: July 02 - Coordinator General COMSTECH Dr. Shaukat Hameed Khan called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪامسٽيڪ اسلامي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان اداري کي موثر بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر شوڪت حميد جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر شوڪت حميد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي مقرري جو مدو پورو ٿيڻ تي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.