APP39-02 ISLAMABAD: July 02 - Federal Minister for IB NH & LH, Syed Ali Zafar giving briefing to media persons. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام کي صديءَ جو سڀ کان وڏو فيصلو قرار ڏيندي چيو آهي ته فاٽا جي ڪي پي ڪي ۾ انضمام دوران ڪنهن به قسم جي آئيني ۽ قانوني خلاف ورزي ناهي ٿي. هو پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ فاٽا انضمام کانپوءِ سهولتن بابت اڳڀرائي جي حوالي سان ميديا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.