APP22-30 ISLAMABAD: June 30 – Pakistan Tehreek-e-Insaaf (PTI) Chairman Imran Khan addressing worker’s convention at Convention Centre. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ادارن کي مضبوط ۽ خرچ گهٽ ڪري عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪنداسين، 5 سالن جي اندر 8 هزار ارب رپيا گڏ ڪري ڏيکاريندس جيڪي شريف ۽ زرداري نه ٿا ڪري سگهن، نيب کي مضبوط ۽ رائٽ ٽو انفارميشن کي لاڳو ڪنداسين، اداري ۾ چوري جي نشاندهي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ ملڪ ۾ انصاف کي مٿانهون ڪنداسين، ڪارڪن گهر گهر وڃي اهو پيغام پهچائين ته جنهن سياستدان جو جيئڻ مرڻ ۽ علاج پاڪستان ۾ نه آهي ان کي ووٽ نه ڏيو، رانديگر طور مقابلو ڪرڻ سکيو آهي انهي تجربي جي بنياد تي چونڊون وڙهندس، ڪارڪن محنت ڪن، مخالفن کي ڪمزور نه سمجهن جيڪو مقابلي جو پهريون اصول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جي ٽنهي تڪن اين اي 52، اين اي 53 ۽ اين اي 54 جي چونڊ مهم شروع ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو.