اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ سامونڊي معاملن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته گوادر بندرگاهه جي ترقي بابت مسئلن جي حل جي لاءِ ٺوس تجويزون پيش ڪيون وڃن. هن اها هدايت وزيراعظم آفيس ۾ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، ان جي ادارن ۽ خودمختيار ادارن جي معاملن بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي ڏني.