APP09-26 LAHORE: June 26 - Federal Minister for Information, Broadcasting, Law, Justice and Parliamentary Affairs Barrister Syed Ali Zafar addressing during cheque distribution ceremony to the different District Bar Presidents for bar maintenance work at Lahore High Court Bar. APP Photo by Zahid Chaudhry

لاهور – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيد علي ظفر چيو آهي ته چونڊن ۾ دير جو ڪو جواز نه آهي، پرامن، صاف، شفاف ۽ وقت سر چونڊن جو يقين ڏياريان ٿو، اها اسان جي ذميواري آهي جنهن کي اسان پورو ڪنداسين، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو اهتمام ڪرڻو پوندو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن نادرا سان رابطي ۾ آهي، ڪالاباغ ڊيم جي تڪراري هجڻ جي ڪري باقي 9 ڊيم به نه ٺاهيا ويا. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ سڄي صوبي جي بارز ۾ گرانٽس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان پاڻي کي ضايع ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي، پاڻي جي مسئلي تي هڪ واٽر ڪميٽي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ماهرن کي گهرايو وڃي، بجلي لوڊشيڊنگ بابت هڪ سوال تي هن چيو ته ان مسئلي تي هڪ وائيٽ پيپر ٺهڻ گهرجي، ٽرانسميشن، ڊسٽري بيوشن، جنريشن تي ڪم نه ڪيو ويو ۽ نه ئي سولر انرجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪي قدم کنيا ويا.