APP36-25 ISLAMABAD: June 25 - Caretaker Prime Minister Justice (R) Nasir-ul-Mulk chairs briefing on General Elections 2018 at PM Office. APP

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ اليڪشن ڪميشن جي چونڊ تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي بنيادي ذميواري آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اليڪشن ڪميشن کي ان جي آئيني ذميوارين جي ادائيگي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن اها ڳالهه عام چونڊون 2018ع جي خوش اسلوبي سان منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪيل انتظامن ۽ تيارين بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي.