اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پارلياماني ۽ صدارتي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اها چونڊ ڪاميابي صدر اردوان جي قيادت ۽ ويزن تي ڀرپور اعتماد ۽ سندس پارٽي تحت ترڪيءَ جي شاندار ترقي جو اظهار آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ناصرالملڪ صدر رجب طيب اردوان جي نالي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدارتي چونڊن ۽ پارلياماني چونڊن ۾ سندس پارٽي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي (اي ڪي پي) جي ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏني.