اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو ڪو خدشو نه آهي عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. هو پي اين سي اي ۾ تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ سمورن ادارن جو اهم ڪردار هوندو.