APP03-25 ISLAMABAD: June 25 - Federal Minister for IBNH &LH Barrister Syed Ali Zafar addressing during an exhibition “China in Stamps” at PNCA. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار ثقافتي لاڳاپا قائم آهن، پائيدار ٿقافتي لاڳاپا سدائين جي لاءِ رهن ٿا جنهن سان محبت، پيار وڌي ٿو ۽ لاڳاپن جي آبياري ٿئي ٿي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) چين جي ون روڊ ون بيلٽ جو ڪامياب ترين منصوبو آهي، ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا تمام اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻن، سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کانپوءِ هاڻي ثقافتي لاڳاپا به وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. هو پي اين سي اي ۾ اسٽيمپس جي ذريعي چيني ثقافت جي فروغ جي حوالي سان چائنا ان اسٽيمپس نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.