APP05-13 ISLAMABAD: May 13 – Managing Director Associated Press of Pakistan Masood Malik addressing during two-day International Conference of News Agencies (ICNA) as the delegates from various countries arriving to attend the event organized by the Associated Press of Pakistan (APP) under the theme, “Pakistan’s Media – Opportunities and Challenges” with special focus on ‘News Agencies – Emerging Professional Challenges.' APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) ايسوسيئٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته جديد ۽ اسٽيٽ آف ڊي آرٽ ٽيڪنالاجيز ۽ ڪميونيڪشن سسٽم سبب دنيا تيزي سان گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي رهي آهي، ان ڊجيٽل دور ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ انقلابي تبديليون اچي رهيون آهن، دنيا ۾ ايجنسيز لاءِ ان چٽاڀيٽي واري ماحول ۾ ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ” ”پاڪستان جي ميڊيا: موقعا ۽ چئلينجز“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس آف نيوز ايجنسيز جو انعقاد ڪيو آهي. اي پي پي مستقبل ۾ ڪشميري، چيني ۽ فارسي ٻولي ۾ سروسز، ڊجيٽل نيوز ڊسپلي اسڪرينز ٽريننگ سروسز، ميڊيا، ايجوڪيشن فيسليٽيز ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدن کي توسيع ڏيندي، هو خابرو ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي فروغ لاءِ ”پاڪستان جي ميڊيا: موقعا ۽ چئلينجز“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس آف نيوز ايجنسيز (آءِ سي اين اي) کي خطاب ڪري رهيو هو.