APP04-28 TANDO JAM: April 28 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing during the inauguration of KPD-TAY Integrated Gas Processing Facility by Oil & Gas Development Company Limited. APP photo by Akram Ali

ٽنڊو ڄام – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ٽنڊو ڄام ۾ گئس پروسيسنگ فيسيلٽي جي اهم قومي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي خوشي آهي، مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي تاريخ جي بهترين ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ئي، او جي ڊي سي ثابت ڪيو ته هو پنهنجو ڪم مقرر وقت ۽ قيمت ۾ ڪري سگهي ٿي. ٽنڊو ڄام ۾ گئس پروسيسنگ فيسيلٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم تنقيد ڪندڙن کي چئلينج ڪندي چيو ته بجلي، گئس سميت توانائي ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي منصوبن تي اسان سان مناظرو ڪري وٺو. هن چيو ته ملڪي ترقي جي دعويٰ ڪندڙ پنهنجي حڪومت جي دور جو ڪو هڪ ميگا ترقياتي منصوبو ڏيکارين.