اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات وارو سيڪريٽري ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري سيڪريٽري وزيراعظم کي رياستي ميڊيا براڊ ڪاسٽر تحت ڪم ڪندڙ مختلف چينلز جي ڪارڪردگي ۽ مالي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.