اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ ايف سي جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا. وزيراعظم آفيس جي بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن پنهنجي شهرين جي تحفظ جو انتهائي اعليٰ فرض ادا ڪندي شهادت ماڻي.