APP71-16 ISLAMABAD: May 16 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif addressing in National Assembly. APP

اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي سمورن اثاثن ۽ ٽيڪسن جي ادائيگي جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي پاناما پيپرز جي جاچ جي لاءِ ٺوس ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪرڻ جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پارلياماني پارٽين جي سربراهن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو چيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال اپريل جي پهرين هفتي ۾ پاناما پيپرز جي حوالي سان هڪ رپورٽ ميڊيا ۾ آئي، ان ۾ اهڙين آف شور ڪمپنين جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستانين جو تعلق به ٻڌايو ويو. ان ۾ اهو واضح ڪيو ويو هو ته ضروري نه آهي ته اهي آف شور ڪمپنيون غيرقانوني هجن، منهنجي ٻن پٽن جو نالو به آيو جيڪي گذريل ڪافي عرصي کان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آهن ۽ ٻين لکين پاڪستانين وانگر اتي حلال رزق ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته مون کي منهنجي ساٿين مشورو ڏنو ته جيئن ته منهنجو نالو ان ۾ شامل نه آهي ان جي لاءِ مون پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش نه ڪرڻ گهرجي تنهن هوندي به مون ضروري سمجهيو ته منهنجي خاندان جو نالو ان ۾ شامل آهي ان جي لاءِ قوم کي خطاب ۾ مخالف ڌر جي مطالبي کان اڳ ئي سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.