اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطه آجياڻي تقريب منعقد ٿي، جيڪو گذريل رات پاڪستان جي دوري تي پهتو هو. وزيراعظم محمد نواز شريف وزيراعظم هائوس ۾ مرڪزي دروازي تي مهمان صدر جو والهاڻو استقبال ڪيو.