APP72-26 ISLAMABAD: January 26 - CEO of World Bank Group Ms. Kristalina I. Georgieva, along with delegation called on Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at PM House. APP

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي بئنڪ ثالثي عدالت جي قيام جي ذريعي پن بجلي منصوبن جي تعمير جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جي حل ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ گروپ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪرسٽالينا آئي جورجيوا سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهده 1960ع جنهن تي عالمي بئنڪ صحيحون ڪندڙ آهي، جي خلاف ورزي ڪندي هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽس خاص طور تي ڪشن گنگا ۽ ريتلي پن بجلي منصوبن ۽ اولهه جي دريائن تي پاڻي ذخيرن جي تعمير جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.