APP67-02 ISLAMABAD: November 02 - Maryam Aurangzeb called on President Mamnoon Hussain after taking the oath of office as Minister of State in a special ceremony held at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته راندين جون سرگرميون صحتمند قومن جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڪالهه اربع ڏينهن هتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته راندين جي سرگرمين مان ظاهر ٿئي ٿو ته معاشرو اڳيان وڌي رهيو آهي. هن انٽر ميڊيا ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي مبارڪباد ڏني. روزاني جنگ جي ٽيم روزاني دي نيوز جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽورنامينٽ ۾ 20 کان وڌيڪ ٽيمن شرڪت ڪئي. آخر ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ ايوارڊز ورهايا. اي پي پي/ع – ک 20:31