سراجيوو – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هتي پهچي ويو. بوسنيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير ازمير جيسڪو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن بوسنيائي گادي واري شهر ۾ وزيراعظم ۽ سندس وفد جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي بوسنيا ۾ پاڪستان جو سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سليم نواز ۽ بوسنيائي سفير نديم مڪاروڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم جيئن ئي جهاز مان لٿو ته کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. روايتي لباس پهريل ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو.