APP02-25 ISLAMABAD: November 25 - Adviser to Prime Minister on Foreign Affairs, Sartaj Aziz in a meeting with the Ambassadors of P-5 countries at Foreign Office. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪشمير جي حوالي سان اسان جي پاليسي واضح آهي، اسان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت عالمي ۽ ٻه طرفي هر فورم تي جاري رکنداسين، ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ پيدا ڪري والاريل ڪشمير ۾ جاري مقامي تحريڪن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، اسان سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن کي ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي ذهنيت جي حوالي سان خط لکيا آهن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث سهڙيندي سرتاج عزيز چيو ته اهڙن موضوعن تي اسان کي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.