APP36-14 BAKU: October 14 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif and President of Azerbaijan Ilham Aliyev speaking at joint press stakeout at Zagulba Presidential Palace. APP

باڪو – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان هم آهنگ تصورن جي ذريعي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن، اسان سمجهون ٿا ته سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي عالمي قانون جي فريم ورڪ تحت ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي، وزيراعظم چيو ته هو ٻين جي کلي جارحيت باوجود پرامن پاڙيسري ۽ ترقي جي لاءِ امن جا ترجمان رهيا آهن تنهن هوندي به امن جي اصولن تي ڪاربند رهڻ جو غلط مطلب وٺندي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي هڪٻئي جي لاءِ حمايت، ويجهي افهام و تفهيم ۽ خيالن ۾ هم آهنگي جو ثبوت آهي. نگورنوڪاراباخ تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم نواز شريف والاريل آذري علائقن جي واپسي، آرمينين فوج جي نڪرڻ ۽ پناهگيرن جي واپسي جو مطالبو ڪيو.