اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي ۽ پنهنجي پوري خاندان کي احتساب جي لاءِ پيش ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکندو ته هو پاناما پيپرز جي معاملي جي جاچ جي لاءِ ڪميشن جوڙي ۽ هو ان ڪميشن جون سفارشون قبول ڪندا. هن اهو اعلان قوم کي نشرياتي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته کيس پاڪستان جي باشعور عوام چونڊيو آهي ۽ هو الله کانپوءِ رڳو پاڪستان جي عوام آڏو جوابده آهي تنهن ڪري هو عوام آڏو هڪ اهم اعلان ڪرڻ چاهي ٿو ته مون فيصلو ڪيو آهي ته آئون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکندس ته اها ان معاملي جي جاچ جي لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي ته جيئن جيڪي ماڻهو الزام بازي ڪري رهيا آهن اهي هن ڪم سان اسان جي شفافيت کي ڏسي وٺن. وزيراعظم چيو ته هو ان ڪميشن جون سفارشون قبول ڪندو.