گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سڄي دنيا مان آيل اهم اڳواڻن سان ملاقات ڪيون ۽ کين ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي مشڪلاتن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جي جدوجهد کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري پاڪستاني صحافين کي ان حوالي سان ٻڌايو ته وزيراعظم محمد نواز شريف آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي، سعودي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم محمد بن نائف بن عبدالعزيز السعود ۽ نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جان ڪي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس جي انعقاد جي موقعي تي ملاقاتون ڪيون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جي ترجماني ڪندي کين ڪشميري عوام جي جدوجهد جي باري ۾ ٻڌايو.