APP39-190621 KARACHI: June 19 - President Dr. Arif Alvi chairing a meeting with the delegation of Dawat-e-Islamic led by Yousuf Saleem Attari at Governor House. APP Photo by Saeed Qureshi

ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشرتي ترقي جي لاءِ بطور اداري مسجدن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسجدون نه رڳو اسلامي رسمن جي لاءِ هونديون آهن پر معاشرتي خدمت کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پڻ بهترين ذريعو آهن. صدر گورنر هائوس سنڌ ۾ دعوت اسلامي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد گرين پاڪستان ويزن بابت پنهنجي سرگرمين ۾ حڪومت کي تعاون جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي وفد جي ميمبرن تي پڻ زور ڏنو ته اهي پنهنجي معاشرتي ڪم سان گڏوگڏ عوام کي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي فراهم ڪن.