APP26-080521 JEDDAH: May 08 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi held a meeting with Foreign Minister of the Kingdom of Saudi Arabia, H.H. Prince Faisal Bin Farhan Al Saud. APP

جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.