APP06-080521 ISLAMABAD: May 08 - Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting and Farrukh Habib MOS, I&B in a virtual meeting with office bearers of Karachi, Lahore and National Press Clubs. APP

اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ۽ صحافين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رياست جي مفاد جو تحفظ اسان سڀني جي لاءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي منظوري صحافين جي سلامتي، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ تمام وڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي عهديدارن سان ورچوئل اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي.