APP36-080521 KARACHI: May 08 - President Dr. Arif Alvi said in his message at Alvi House that people must stay at home during Eid ul Fitr holidays to contain spread of coronavirus in the country. APP Photo by M Saeed Qureshi

اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي عيد جي موڪلن ۾ گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ويو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت 10 کان 15 مئي تائين عيد جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، موڪلن دوران ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رهندي، ڪرياني، ميڊيڪل اسٽورز ۽ اسپتالون کليل رهنديون.