اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پي آءِ اي جي نئين سر بحالي جو منصوبو کي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، نئين سر بحالي جي منصوبي ۾ رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم (وي ايس ايس)، هوابازي جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ، ٻيڙي جي جدت، روٽس کي معقول بڻائڻ، پراڊڪٽ ڊولپمينٽ ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي لاءِ قدم شامل آهن. اي سي سي ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽس جي منظوري به ڏني آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي فيصلي موجب فوري طور تي بند ڪيل پاور پلانٽس جي موجوده ملازمن جي پينشن ۽ بقايائن جي ذميداري ۽ ڊسڪوز جي سرپلس ملازمن کي پينشن ۽ پينشن بابت مراعتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ جنيڪوز کي هڪ دفعي جي گرانٽ جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. ڪميٽي ان ڏس ۾ سمورن لاڳاپيل حصيدارن کان راءِ معلوم ڪرڻ کانپوءِ پاور ڊويزن کي پينشن جي بقايائن ۽ ذميداري بابت لاگت کي معقول بڻائڻ جو وڌيڪ جائزو وٺڻ ۽ ان بابت مختلف تجويزون ڪميٽي جي روبرو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ هوابازي ڊويزن پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نئين سر بحالي بابت منصوبي جي سمري پيش ڪئي وئي. وزيراعظم جي اداره جاتي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين انساني وسيلن ۽ پي آءِ اي جي آپريشنل ري اسٽرڪچرنگ بابت تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي، هن پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ، اداري جي خساري ۾ گهٽتائي ۽ ان کي مالياتي طور تي فعال ۽ متحرڪ ادارو بڻائڻ جي ڏس ۾ مختلف آپشنز پيش ڪيا جنهن ۾ رضاڪاراڻي علحيدگي اسڪيم (وي ايس ايس)، هوابازي جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ، ٻيڙي جي جدت، روٽس کي معقول بڻائڻ، پراڊڪٽ ڊولپمينٽ ۽ روينيو ۾ اضافي لاءِ قدم شامل آهن.