APP46-210421 ISLAMABAD: April 21 - A delegation of Buddhist monks from Sri Lanka called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي وڏي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ٻڌمت جي مقدس جاين ۽ آثار جو شاندار امين آهي، عوامي رابطن ۽ مذهبي سياحت سان بطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ثابت سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي ٻڌ راهبن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.