APP44-210421 PESHAWAR: April 21 - Prime Minister Imran Khan addressing at the ceremony regarding groundbreaking of Chitral-Booni-Mastuj-Shandur road and inauguration of Peshawar-Dara Adam Khel road at Governor House. APP

اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياحت، وڻن ۽ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن، اسان جي بلند پهاڙن ۽ گليشيئرز جو سوئيٽزرلينڊ به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، سياحتي علائقن جي زوننگ سان گڏوگڏ بائي لاز به ٺاهڻا پوندا، سياحت سان ملڪ جي آمدني وڌندي، مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ پراڻن طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي تي وڃڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور دره آدم خيل روڊ جي بحالي ۽ بهتري ۽ چترال شندور رستي جي بحالي ۽ توسيع جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.