APP13-070421 ISLAMABAD: April 07 – Deputy Speaker Provincial Assembly of Balochistan Sardar Babar Khan called on Speaker National Assembly Asad Qaiser. APP

اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سردار بابر خان موسيٰ خيل اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت افغانستان جي دوري ۽ بلوچستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان صوبي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو اهم جزو آهي، بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي جو ازالو وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان صوبي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن کي بلوچستان جي عوام جي ڀرپور انداز ۾ نمائندگي جو موقعو ڏنو ويندو آهي. بلوچستانص وبي جي ترقي ۽ خوشحالي پوري ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائيندي. سي پيڪ منصوبو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گوادر پورٽ بلوچستان صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جو مرڪز بڻجندو.