APP72-060421 ISLAMABAD: April 06 - Prime Minister Imran Khan at the launch of Pakistan Human Rights Development Report-2020. APP

اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پهريون ڀيرو شگر مافيا تي هٿ وڌو آهي، شگر مافيا جي خلاف جاچ ڪرائي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، يو اين ڊي پي جي رپورٽ ۾ سفارشن جو پاڻ جائزو وٺندس، اهي انگ اکر پاليسي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندا، ڪورونا جي ٽئين لهر جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، ڪجهه امير ملڪ ڪورونا دوران وڌيڪ امير ٿيا، دنيا کي ان بابت سوچڻ گهرجي. پاڪستان نيشنل هيومن ڊيولپمينٽ رپورٽ جاري ڪرڻ تي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪورونا وبا سان سڄي دنيا ۾ خدمتن جو شعبو متاثر ٿيو پر پاڪستان ۾ اهو شعبو بري طرح متاثر ٿيو آهي.