اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن ۽ روينيو سميت معيشت جي اهم شعبن ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه هتي ٻاهرين مدد سان جاري منصوبن لاءِ قائم قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ ماليات، اوڳاڙين، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي ۾ ٻاهرين مدد سان جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ماليات ۽ روينيو جي شعبي ۾ ٻاهرين مدد سان جاري 5 منصوبن، تعليم هڪ ۽ مواصلات جي شعبي ۾ جاري 13 منصوبن جو تفصيل سان جائزو ورتوو يو، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار مختلف شعبن ۾ ٻاهرين مدد سان جاري منصوبن ۾ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته انهن منصوبن جي جلد تڪميل ۾ ڪا به دير نه ڪئي وڃي.